SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سام واد يا اشتماليت - اشتراڪيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سام واد يا اشتماليت - اشتراڪيت

Communism

ڪميونزم

زماني ۾ مروج هڪ معاشي نظريو، جنهن مطابق ڪنهن سماج ۾ موجود مڙئي شيون ۽ ملڪيتون اُن سماج ۾ رهندڙن جي گڏيل ملڪيت هونديون هيون، انهن شين جو واهپو هر انسان پنهنجي ضرورت مطابق ڪري ٿي سگهيو ۽ ساڳي طرح انهن شين جي پيدا ڪرڻ واري عمل ۾ پڻ کيس هٿ ونڊائڻو هو. پر هڪ جديد سياسي نظريي جي حيثيت ۾ ڪميونزم کي شهرت ارڙهين صديءَ ۾ تڏهن ملي، جڏهن جرمنيءَ جي ٻن مفڪرن ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز پنهنجي فڪر ذريعي ٻڌايو ته خانگي ملڪيت جي وڪالت ڪندڙ معاشرو دراصل انساني صلاحيتن جي بدترين ڦرلٽ ڪري ٿو. اُن ڪري هڪ انصاف ڀريي سماج جي قيام لاءِ ضروري آهي ته سموري ملڪيت جي ورهاست سگهه ۽ اختيار يا حيثيت جي زور تي نه پر ضرورت جي بنياد تي ڪئي وڃي. مثال طور: هڪ انجنيئر جا ٻه ٻار آهن ته کيس ان جي ڪُٽنب جي ضرورت مطابق سهولت ملڻ کپي، پر جيڪڏهن ڪنهن مزدور جا اٺ ٻار آهن ته کيس انجنيئر کان وڌيڪ يعني سندس ضرورت مطابق سهولت ملڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو جديد ڪميونزم ۾ هر پورهيي لاءِ هڪ جيترو احترام آهي ۽ ڪوبه هڪ پورهيو ٻئي کان گهٽ يا وڌ ناهي. سام واد ۾ رياست يا سماج جا مُک پيداواري ذريعا ۽ وسيلا فرد جي ملڪيت نه پر رياست جي ملڪيت هوندا آهن. اِن نظريي جي آخري ڏاڪي تي خود رياست جو وجود به ختم ٿيڻو آهي، ڇاڪاڻ جو رياست جا بنياد جبر ۽ ڏاڍ تي اوساريل ادارن يعني پوليس، فوج ۽ عدالتن وغيره تي بيٺل هوندا آهن، تنهنڪري انهن ادارن جو خاتمو انسان ذات کي حقيقي آجپو ڏياريندو. مارڪس ۽ اينگلز جو ڪميونسٽ نظريو سائنسي بنيادن تي ٻڌل اصولن ۽ عمليت پسنديءَ ۾ يقين رکي ٿو. هن نظريي جي بنياد تي ولاديمير ايلئچ لينن جي سرواڻيءَ ۾ آڪٽوبر 1917ع روس اندر پهرين ڪميونسٽ رياست يعني سوويت يونين جنم ورتو. ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اڌ صديءَ اندر دُنيا جي لڳ ڀڳ اڌ حصي تي اِن نظريي جون پوئلڳ حُڪومتون قائم ٿيون.


Remember Me Also:

مهار

مِهارُ جمع مِهار

ذ . صفت. مينهون چاريندڙ، ميهار، ميهر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal